صحبت نامو قلمي رسالو

صحبت نامو (قلمي رسالو): هيءُ قلمي رسالو خليفي محمد حسين پير صاحب روضي ڌڻيءَ جي سوانح بابت 1248هه 1832ع ۾ لکي مڪمل ڪيو، جنهن ۾ پير صاحب روضي ڌڻيءَ جي مڪمل ۽ مفصل سوانح حيات موجود آهي. هن قلمي رسالي کي خليفي محمود ڪڙيه واري پنهنجي تصنيف ‘المحبوبية المحموديه’ ۾ اصل مصنف خليفي محمد حسين جي نالي سان شامل ڪيو. هي قلمي نسخو اڃا تائين غير مطبوعه آهي. ‘صحبت نامه’ قلمي نسخي جو فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ‘صحبت سپرين جي’ جي نالي سان ڊاڪٽر عبدالرسول قادريءَ ترجمو ڪري شايع ڪرايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو